وزيراعظم سدائين قانون ۽ آئين جي بالادستي جو عزم ورجايو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP28-24 ISLAMABAD: October 24 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan and Managing Director Pakistan Bait-ul Mal Aon Abbas Buppi addressing a joint press conference. APP photo by Sadia Haidari

اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين قانون ۽ آئين جي بالادستي ۽ ادارن جي مضبوطي جو عزم ورجايو، ايمرجنسي ۽ زندگي کي درپيش خطرن جي سڃاڻپ صحت جي ماهرن کي ڪرڻي آهي، محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي سان عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي جيئن جو تئين عمل ڪندي، ڪو به فيصلو ڪنهن شخصيت جي خواهشن جي تابع نه ٿيندو، گذريل 72 سالن دوران ادارن کي ڪمزور ۽ تابع رکيو ويو، نواز شريف جي پليٽ ليٽس 20 هزار تائين اچي ويندا، هر ايندڙ ڏينهن ان ۾ بهتري ايندي، صحت مند نواز شريف ئي اسان سڀني جي لاءِ اهم آهي، هاڻي مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي بيماري جي آڙ ۾ حڪومت تي تنقيد بدران ڪو ٻيو ذريعو ڳولي، هو بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں