وزيراعظم جو بنيادي مقصد انسانيت جو احساس ۽ سهولتون ڏيڻ آهي: اعظم خان سواتي

image
APP87-07 ISLAMABAD: November 07 - Muhammad Azam Khan Swati, Federal Minister for Parliamentary Affairs and Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan talking to media. APP

اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد انسانيت جو احساس ۽ سهولتون ڏيڻ آهي، قانونسازي جي ذريعي غريب جي قانوني مدد لاءِ جامع نظام جوڙيو آهي، پي ايم ڊي سي کان ڊاڪٽرز جو مقام متاثر ٿيو، وسل بلور لا جي ذريعي بي نامي جائيدادن جي شناخت ممڪن ٿيندي، ويمن پراپرٽي بل تحت انهن کي وارثت ملندي، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم نظام بدلائن جو واعدو ڪيو هو، قانون بدلائينداسين ته ماڻهن جا رويا بدلجندا، موثر قانونسازي سان حاضر دور جي گهرجن تي عمل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهايئندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں