حڪومت پاران توانائي جي سمورن ادارن ۾ صوبائي نمائندگي يقيني بڻائڻ جو فيصلو

image
APP52-25 ISLAMABAD: January 25 – Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding Energy Issues in Khyber Pakhtunkhwa. APP

اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي)، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) ۽ توانائي بابت سمورن وفاقي ادارن ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ملڪي ترقي ۽ واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي ايندڙ 25 سالن جي لاءِ توانائي جي گهرج ۽ پهچ جو تيار ڪيل ڪاٿو جلد وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خيبرپختونخوا سان لاڳاپيل توانائي بابت مختلف معاملن جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں