امن رڳو پاڪستان نه پر پوري دنيا جي ضرورت آهي: صدر

image
APP47-02 LAHORE: November 02 - President Dr Arif Alvi addressing conference on “Youth Mobilization on Peace Building”. APP

لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن رڳو پاڪستان نه پر پوري دنيا جي ضرورت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دنيا جا ملڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهن جن کي گڏجي پرامن طريقي سان حل ڪرڻو پوندو، پرامن ماحول هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي، اڄ اسان جو پروگرام امن طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جي ملڪن مان آيل شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن طريقي سان حل ڪڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان جي اهتمام هيٺ يوٿ موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں