گلگت بلتستان کي قدر بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي: وزيراعظم عمران خان

image
APP58-01 GILGIT: November 01 - Prime Minister Imran Khan chairing a high level meeting. APP

گلگت – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان کي قدر بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، ان علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ وڏا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻي ان خطي جي ترقي ممڪن ٿي سگهندي، گلگت بلتستان حڪومت وڌيڪ ننڍا پن بجلي گهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان منصوبابندي ڪري جنهن ۾ وفاقي حڪومت به مدد ڪندي، سي پيڪ منصوبن جي ڪري هن خطي جي ترقي ڏسڻ وٽان هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت ۾ اعليٰ سطحي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گلگت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں