جمهوريت جي استحڪام ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار آهي: سينيٽ چيئرمين

image

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 70 هين آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يادگار جمهوريت تي گل چاڙهيا، ان موقعي تي سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ کانسواءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته آئين جي تحفظ ۽ پاسداري لاءِ قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، پارليامينٽ عوامي امنگن جي ترجمان آهي ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار آهي. 70 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يادگار جمهوريت تي گل چاڙهڻ کانپوءِ سينيٽ چيئرمين صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں