اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عز?? ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ و??رو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع و??رو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت و??رو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات و??رو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحا??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وزيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائين??ي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.