اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جو افغ??نس??ان ۾ امن لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو، دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي خلاف سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي، ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن ٽٽڻ جوڳي نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ مختلف مافياز جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هاڻي اسان انهن مافياز کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشت بهتر رخ ۾ گامزن آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن خميس ڏينهن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوام جي روين ۾ تبديلي آئي آهي پر ان جي باوجود الله تعاليٰ جو وڏو ا??سان آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري خراب نه آهي جيتري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي، هن چيو ته ڀارت جو ڪردا سدائين منفي رهيو آهي، ڀارت دوها ڳالهين جي خلاف رهيو، ان کانسواءِ افغ??نس??ان ۾ امن عمل جي حوالي سان به ڀارت سدائين مخالفت ڪندو رهيو، هن چيو ته ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان اسان سڀ هڪ آهيون، ان حوالي سان ڪا به ٻي راءِ نه آهي پر رد عمل ۾ فرق ضرور ٿي سگهي ٿو ته اسان جو رد عمل ڏيڻ جو طريقو ڪجهه ٻيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو رد عمل ظاهر ڪرڻ جو طريقو ڌار آهي، حڪومت جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڳالهين کانپوءِ ڪجهه نڪتن تي صحيحون به ڪيون ويون هيون، ان وقت اهو طئي ڪيو ويو هو ته ٽي ايل پي جي ڊمانڊ تي پارليامين?? ۾ ??حث ڪيو ويندو، پرڏيهي پاليس ۾ پارليامينٽ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ائين ممڪن نه آهي ته پارليامينٽ جي ڪردار کي نظر انداز ڪيو وڃي، سڀاڻي اسيمبلي جو ا??لاس گهرايو پيو وڃي، پارليامين?? ۾ ??ن سڄي معاملي تي بحث ڪيو ويند?? ۽ ??هڙو حل ڳوليو ويندو جنهن سان قوم مطئمن به ٿئي، صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ سڀ کان موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي.