اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عم??ان خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. ??زي??اعظم عم??ان خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??زي??اعظم عم??ان خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻ??رفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ??زي??اعظم عم??ان خان تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم عم??ان خان چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.