اس??ام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي جي گيٽ تي ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ان طرح جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ??يندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي ڪ??هن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن، هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي ??هولتن جي فراهمي جون هدايتون جار?? ڪيون.