اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پرو??را?? کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پرو??را?? جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پرو??را?? جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪارد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پرو??را?? جي دائري کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پرو??را?? تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي ??اري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخواهه جي ناڻي ??اري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چي?? سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي ??ارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پرو??را?? وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پرو??را?? جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پرو??را?? هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پرو??را?? جي لاءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آ?? سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پرو??را?? ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان خريداري تي رعايت ملندي.