اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جولاءِ کان آڪٽوبر 2021ع پاڪستان ج?? ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 6 ارب ڊالر سان ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي رهيو، اهو ڪاٿو 2020ع جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 27 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٽيڪسٽائيل ملز بند ٿيڻ شروع ٿ?? ويون هيون جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خصوصي مراعتن ۽ ڌيان جي ڪر?? ٽيڪسٽائيل روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.