اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پا??ستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لا??اپا قائم آهن، عالمي سطح تي انهن لا??اپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، سعودي عرب ۽ اسان جا لا??اپا پا??ستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پا??ستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لا??اپن نئين سگهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آهن، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلما?? هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب ه?? مشڪل گهڙيءَ ۾ پا??ستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ سعودي عرب 10 ملين ڊالر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران سعودي عرب پاران 170 ملين ڊالر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لاءِ 1.5 ملين ڊالر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان سعودي عرب پا??ستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آهي. سعودي عرب 38 ملين ڊالر ڊيزاسٽر ريليف جي لاءِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لاءِ 55 ملين ڊالر، اسڪولن جي لاءِ 5 ملين ڊالر، مسجدن جي لاءِ 13 ملين ڊالر جا عطيا ڏنا. هن ٻڌايو ته سعودي عرب پاران پا??ستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته پا??ستان ۽ سعودي عرب جا لا??اپا ڏهاڪا پراڻا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لا??اپا نئين سگهه اختيار ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان جو هر شهري سعودي عرب کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلما?? هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جا مستحقين فائدو کڻندا. واضح رهي ته ڪنگ سلما?? هيومنٽرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آهي جنهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل علائقن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزار غريب ماڻهو فائدو کڻندا.