اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??رل??امينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??رل??امينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا منصوبي کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچڻ لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائبر ايفيشينٽ پ??رل??امينٽ بابت صدارتي قدمن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا م??مد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پرا??يڪ?? جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي منصوبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر منصوبي کي عمل جامو پارائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، پرا??يڪ?? جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پ??رل??امينٽ جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونسازي جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ سرڪاري ادارن جي جوابدهي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.