لاهور – 11 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عدم اعتماد جي رٿ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، اسان کي ان ??ان ڪو به خطرو نه آهي، اتحادي گڏ آهن، پهرين معيشت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اليڪشن ۾ ??ڃا?? وقت آهي، سياست کان و??يڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. لاهور جي نجي اداري ۾ استادن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي. گذريل ڏينهن پرويز الاهي سان ??لاقات ٿي آهي، گهرن ۾ به گلا شڪوه ٿيندا رهندا آهن، ن ليگ پاڻ سان رابطي ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا سامهون آڻي. هن چيو ته هن وقت محاذ آرائي جو ماحول نه ب??جڻ گهرجي، سياست کان و??يڪ ملڪ جو خيال رکڻو پوندو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يونيورسٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو ايم ٽي) جو دورو ڪيو ۽ صدر يو ايم ٽي ابراهيم حسن مراد سان ??لاقات ڪئي. ابراهيم مراد يو ايم ٽي جو تعارف ڪرائيندي اسپيڪر کان ??اڪستان ۾ اعليٰ تعليمي سڌارن جي باري ۾ به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسپيڪر اسد قيصر يو ايم ٽي تعليمي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ابراهيم مراد کان ??و ايم ٽي سان تعليمي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ريڪٽر يو ايم ٽي ڊاڪٽر آصف رضا يو ايم ٽي ۾ اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين پارلياماني ميمبرن کي ڀليڪار چئي ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو ايم ٽي ۾ اچڻ هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي.