لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، عدم اعتماد جو ڊرامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ٻيهر رسوا ٿيندا، پي??لزپارٽي جو لانگ مارچ اصل ۾ سير ۽ تفريح جو مارچ آهي، سنڌ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ سا??يو??ل پهچي شارٽ مارچ بڻجي چڪو آهي، عدم اعتماد کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر حڪومت سا?? رابطي ۾ آهن، اتحادين سا?? مضبوط لاڳاپا آهن، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي لاءِ هٿڪڙيون تيار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ منعقد ورڪشاپ کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، جن کي حڪومت کي اڍائي سا?? اڳ فارغ ڪرڻو هو اهي هاڻي عدم اعتماد جو ڊرامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، پي??لزپارٽي اڳ ۾ نواز شريف جي واپسي جي شرط رکي مريم نواز سا?? دوکو ڪيو، هاڻي شهباز شريف سا?? به دوکو ٿيڻو آهي، پي??لزپارٽي جو لانگ مارچ اصل ۾ سير ۽ تفريح جو مارچ آهي، سنڌ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ سا??يو??ل پهچي شارٽ مارچ بڻجي چڪو آهي ڇو ته ان مارچ ۾ رڳو سنڌ جا سرڪاري ملازم شامل هئا. فرخ حبيب چيو ته مينار پاڪستان جو گرائونڊ پي??لزپارٽي جي جلسي لاءِ حاضر آهي، حڪومت انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي جڏهن ته پي??لزپارٽي پاران درخواست ڪئي پئي وڃي ته اسان کي ناصر باغ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان انهن کي چيو ته ايتري وڏي پارٽي آهي ۽ بلاول زرداري جي سربراهي ۾ توهان ايترو وڏو لانگ مارچ ڪري رهيا آ??يو?? توهان مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ جلسو ڪريو ڇو ته ناصر باغ جو گرائونڊ ته پي ٽي آءِ اترئين لاهور جي 5 يونين ڪائونسلز سا?? ڀرجي ويندو آهي، ٻيو ناصر باغ ۾ ته وڻ لڳايا ويا آهن پي??لزپارٽي انهن وڻن کي برباد نه ڪري. هن چيو ته 1989ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد لاهور آئي ۽ هن مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو ته ان وقت دنيا ڏٺو ته ڪهڙي طرح ماڻهن ان جو استقبال ڪيو ۽ م??نار پاڪستان جو گرائونڊ مڪمل ڀرجي ويو، بلاول زرداري به انهي گرائونڊ ۾ جلسو ڪري ڏيکاري ته جيئن خبر پئجي سگهي ته هو آصف زرداري جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي يا محترمه بينظير ڀٽو جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ آر يا پار وارا ان گرائونڊ ۾ اچي خوار ٿيا هئا، هاڻي پي??لزپارٽي به پنهنجي ڪوشش ڪري. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر پاران اهڙي قسم جا سمورا حربا اصل ۾ ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ آهن، اصل جنگ پاپڙ واري، فالودي واري کي بچائڻ جي لاءِ ۽ م??صود چپڙاسي مسرور انور کي بچائڻ جي لاءِ آهي ڇو ته پاپڙ واري ۽ فالودي واري ۾ جان آهي آصف زرداري جي ڪرپشن جي ۽ م??صود چپڙاسي ۽ مسرور انور ۾ شهباز شريف جي جان آهي، لنڊن جي ناليواري اخبار به شريف خاندان کي باقاعده ثبوتن سا?? چور قرار ڏنو آهي. هن چيو ته نواز شريف خاندان جڏهن 1985ع ۾ سياست شروع ڪئي انهن وٽ ايترا اثاثا نه هئا جيترا هاڻي آهن، انهن سياست کي ڪاروبار بڻايو، اقتدار ۾ اچي ملڪ کي ڦريو ۽ ڪرپشن سا?? دولت ڪمائي ٻاهر جي بئنڪن ۾ منتقل ڪئي، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جن جو منشور هجي اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪهڙي ڪندا، لانگ مارچ جو ڊرامو رڳو ڪرپشن جو پئسو بچائڻ جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جي هڪ ايجنڊا آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ احتساب جي خوف کان ڪالهه جا سياسي مخالف هاڻي دوست بڻجي چڪا آهن، مسلم ليگ (ن) جن جو نعرو هو ”زرداري سڀ کان وڏي ڪرپشن جي بيماري“ هاڻي اهي ان جهوليءَ ۾ ويهي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين ئي تقرير ۾ چيو هو ته ڪرپشن ڪندڙن کي معاف نه ڪندس، هن چيو هو ته مون کي خبر آهي جڏهن آئون انهن چورن تي هٿ وجهندس ته اهي هڪ جڳهه تي گڏ ٿي ويندا ۽ اين آر او جي لاءِ حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا، اڄ وزيراعظم عمران خان جون اهي ڳالهيون سچ ثابت ٿي رهيون آهن، سمورا چور هڪ جڳهه تي گڏ ٿي ويا آهن، جن ڪرپشن ناهي ڪئي هوندي اهي چوندا آهن ته اسان جو ڪيس روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي جڏهن ته شهباز شريف وڪيلن ۽ تاريخن جي پٺيان لڪي رهيو آهي، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي لاءِ هٿڪڙيون تيار آهن، تمام جلد پاپڙا وارو، فالودي وارو، مقصود چپڙاسي ۽ مسرور انور انهن کي جيل وٺي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته اسان جا پنهنجي اتحادين سا?? مضبوط لاڳاپا آهن جڏهن ته مخالف ڌر جي پاڻ ۾ 2 ڏينهن جي دوستي ۽ 4 ڏينهن جي ويڙهه هوندي آهي، پي ٽي آءِ ڪڏهن به پي??لزپارٽي، نواز ليگ ۽ م??لانا فضل الرحمان سا?? هٿ ناهي ملايو، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ۽ احتساب جو عمل جاري رهندو. مملڪتي وزير چيو ته عدم اعتماد کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر به حڪومت سا?? رابطي ۾ آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علي زيدي ۽ شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ ڪامياب جلسا ڪري رهيا آهن، سنڌ جا ماڻهو پي??لزپارٽي جي مسلسل 14 سا??ا حڪومت کان تنگ اچي چڪا آهن، هاڻي اهي پاڪستان تحريڪ انصاف طرف ڏسي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان به عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ جلسا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.