اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يون??ور??ٽين تي زور ڏنو آهي ته سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ هنرمندي افرادي قوت جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڀرندڙ مارڪيٽ ر??حانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، هنرمندي انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ نيشنل اسڪلز يون??ور??ٽي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار ۽ يون??ور??ٽي جي سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يون??ور??ٽيون اڀرندڙ مارڪيٽ ر??حانن موجب وڌيڪ هنرمند پيشيور ماڻهو تيار ڪن، پاڪستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ هنرمند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هن چيو ته شاگردن جو تعداد وڌائڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ اسڪلز يون??ور??ٽي هڪ ڪميٽي جوڙي، هنرمندي افرادي قوت جي مارڪيٽ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ مختصر ڪورسز ??روع ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته سڄي ملڪ جي يون??ور??ٽين ۾ ٻه شفٽون شروع ڪرڻيون پونديون، هنرمند انساني وسيلن جي وڌندڙ گهرج پورو ڪرڻ لاءِ آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم کي فروغ ڏيڻو پوندو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪلز يون??ور??ٽي جي سينيٽ جي ٽئين اجلاس جي منٽس جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ مير چاڪر خان رند يون??ور??ٽي آف ٽيڪنالاجي، ڊيره غازي خان سان مفاهمت جي يادداشت جي به منظوري ڏني وئي، يادداشت تحت ادارن جي وچ ۾ تحقيق، تعليم ۽ پيش??ور??ڻي مهارت جي تربيتي پروگرامن کي فروغ ڏنو ويندو.