اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آ??ي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي ??رب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي ??رب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده م??مد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي ??رب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل ??رب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل ??رب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهزاده م??مد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آ??ي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو ??زم ڪيو.