اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک ??ان ويهنداسين، گهريلو صارفين کي ??ول?? پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي ??ان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل شروع ڪيو وڃي، منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائين تي ا??ڀر??ئي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، ايف ڊبليو او جو ڊي جي ميجر جنرل ڪمال اظفر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيواڻي، گوادر، پسني، اورماڙا، پنجگور ۽ ايران جي وچ ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائيز جي تعمير تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن لائينز جي حوالي ??ان ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن کي جاري ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن اندر گوادر کي ايران کان وڌيڪ سئو مي??او??ٽ بجلي فراهم ڪري سگهندي، ان ??ان بجلي جي مجموعي فراهمي 260 مي??او??ٽ جڏهن ته کپت 236 مي??او??ٽ هوندي، وڌيڪ اهو ته خضدار، پنجگور ٽرانسميشن لائيز جي ڊسمبر 2022ع ۾ پڄاڻي کانپوءِ 90 مي??او??ٽ جو سسٽم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ان منصوبي تي به ڪم تيزي ??ان جاري آهي، ان کانسواءِ حب، اورماڙا ٽرانسميشن لائيز جي فزيبلٽي تياري جي مرحلن ۾ آهي، ان ٽرانسميشن لائين جي پڄاڻي کانپوءِ وڌيڪ 200 مي??او??ٽ سسٽم کي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته گهريلو صارفين کي ??ول?? پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي ماڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي ??ان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل پيش ڪيو وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي آف گرڊ نظام جو به جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. گوادر ۾ آف شور ۽ آف شور ونڊ پاور منصوبن لاءِ به هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي، ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائيز جي ڪم ۾ تيزي آڻي ان کي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو وڃي، وزيراعظم چيو ته منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير قبول نه آهي، لاڳاپيل کاتا يقيني بڻائين ته ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ وقت ۽ لاڳت ۾ جيترو ٿي سگهي ٿي گهٽتائي آندي وڃي، حڪومت جي ذميداري هوندي آهي ته هو عوام جي پئسي جي بچت ڪري ۽ ان جو صحيح استعمال يقيني بڻائي. گوادر بندرگاهه کي دنيا جي جديد ترين بندرگاهه بڻائڻ لاءِ بنا دير جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گوادر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک ??ان نه ويهنداسين.