اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس ف??اريز وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي کي پاڪست??ن جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽلي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپ?? کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو جنهن ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪئي ??هي. وزيراعظم افغانست??ن جي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ ک??ن جاري پاڪست??ن جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ روشني وڌي. اٽلي جي سفير وزيراعظم پاران استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ موجوده لاڳاپ?? کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٺوس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.