اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جو جشن آچر 14 آگسٽ 2022ع تي جوش ۽ جذبي ۽ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۽ عبادتگاهن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿي، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته قومي تر??ني جي احترام ۾ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ رڪجي وئي، مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جون پروقار ??قر??بون ٿيون ۽ فاتحه خو??ني ڪئي وئي. مرڪزي ??قر??ب جناح ڪنوينشن اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پرچم ڪشائي ڪئي ۽ خطاب ڪيو. ان موقعي تي قومي ترانو به پڙهيو ويو، ??قر??ب ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انس??ني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مرتضيٰ جاويد عباسي، خالد مگسي، سياسي معاملن ۽ قومي ادبي ورثي ڊويزن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، عسڪري قيادت، پا??ليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف خطاب دوران پاڪستانين کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن نعمت تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪرانو ادا ڪريون ٿا. هن ان موقعي تي ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن لاءِ پڻ جلد کان جلد آزادي جي دعا ڪئي. وزيراعظم تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ج??ني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي ولولا انگيز جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، مشاهير پاڪستان جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جن جي جدوجهد سان اسان کي آزادي جي نعمت ملي. ان مقصد جي لاءِ سوين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، ان جدوجهد ۾ مسلمانن ئي نه اقليتن به ڀرپور حصو وڌو. وزيراعظم پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان دنيا جي ستين ائٽمي طاقت آهي ۽ ان پروگرام سان واڳيل سمورا ادارا ۽ ماڻهو اسان جا محسن آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو، ان جي لاءِ قومي مڪالمي جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ ميثاق معيشت ٿي سگهي ٿو، اسان ائٽمي قوت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي قوت ڇو نه ٿا بڻجي سگهون، آزادي وڏي قربانين سان حاصل ٿي، ان جو خون جي آخري ڦڙي تائين دفاع ڪنداسين، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، نوجوان اسان جي ترجيحن جو اهم جز آهن. هن قومي تر??ني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ تي لاڳاپيل ادارن کي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ملي نغما پڻ پيش ڪيا ويا، فنڪارن علائقائي زبانن ۾ لوڪ گيت پيش ڪيا. پاڪستان جي هٿياربند فوج پا??ان عظيم پاڪست??ني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. آٰءِ ايس پي آر موجب آچر ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج پا??ان عظيم پاڪست??ني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عزم عالي شان، شاد رهي پاڪستان، پاڪستان زندهه آباد. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي 253 پاڪست??ني ۽ غيرملڪي شهرين جي لاءِ اعليٰ سول اعزازن جو اعلان ڪيو ويو. سعودي فرمانروا سميت اهم غيرملڪي سربراهن پاڪست??ني قيادت کي مبارڪباد پيش ڪئي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي اعزازي گارڊز جي تبديلي جي پروقار ??قر??ب ٿي جنهن جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خالد هو. پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس ۽ پاڪ بحريه سيلرز جي دستن تي ٻڌل ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جون ذميواريون سنڀاليون، پريڊ ڪمانڊر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر سيد محمد داد سرانجام ڏنا. پريڊ دوران خاص مهمان گارڊز جو معائنو ڪيو ۽ گارڊ پا??ان قائداعظم کي قومي سلام پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ خاص مهمان گارڊ مقرري جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور محمد خالد مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي. اهڙي طرح مزار اقبال تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي ??قر??ب ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج جي دستي پنجاب رينجرز جي جڳهه گارڊز جا فرض سنڀاليا. گارڊز جي تبديلي جي ??قر??ب جو خاص مهمان ميجر جنرل شهباز خان هو. خاص مهمان گارڊز جي تبديلي جي عمل جو معائنو ڪيو. هن مزار تي گلدستو رکيو ۽ فاتحه خو??ني ڪئي. ميجر جنرل شهباز خان مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي ??قر??ب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جهنڊو ڦڙڪائي ??قر??بن جي شروعات ڪئي ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پا??ليام??ني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ قيصر رشيد خان آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد خصوصي ??قر??ب ۾ پرچم ڪشائي ڪئي جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي معزز ججز، اڳوڻن ججز، پشاور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، خيبرپختونخواهه جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊين، خيبرپختونخواهه بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو جي چيئرمين، جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر، ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جي نمائندي، پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ڪابينا ۽ پشاور بار ايسوسيئيشن جي صدر ڪابينا ميمبرن سان گڏ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي دستي چيف جسٽس کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو، پوليس بينڊ قومي ترانو ۽ قومي نغما پيش ڪيا جڏهن ته قومي لباس پهريل ٻارن ??قر??ب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا گهري وئي. پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم سردار تنوير الياس ايوان صدر ۾ پرچم ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليس پا??ان سلامي ڏني وئي جنهن کانپوءِ ??قر??ب منعقد ڪئي وئي. حڪومتي وزير، اسيمبلي ميمبر، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، حڪومتي سيڪريٽريز، اعليٰ فوجي ۽ سول آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. گلگلت بلتستان ۾ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي ??قر??ب گلگت چنار باغ ۾ ٿي جنهن جو خاص مهمان گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد هو. ان ??قر??ب ۾ گلگت بلتستان جي وقتي گورنر امجد زيدي، گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن، گلگت بلتستان جي سيڪريٽري محي الدين واني، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس گلگلت بلتستان سعيد وزير، سرڪاري ۽ عسڪري ادارن جي سربراهن، سول سوسائٽي جي ماڻهن سميت مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرچم ڪشائي ڪئي وئي، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ گلگت بلتستان جي وقتي گورنر يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خو??ني ڪئي ۽ پوري قوم کي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني. آگسٽ مهينو شروع ٿيڻ کان ئي سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ تيارين جو سلسلو جاري رهيو، سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کي خوبصورت طريقي سان سجايو ويو، سرڪاري ۽ نجي عمارتن، واپاري مرڪزن کي چمڪندڙ لائيٽن سان سجايو ويو ۽ هر طرف قومي جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي. سمورن اهم رستن کي جهنڊن، بينرز ۽ قومي جهنڊي وارين جهنڊين سان سجايو ويو ۽ فضائون ملي نغمن ۽ قومي تر??ني جي ڌُنن سان گونجنديون رهيون. سرڪاري ۽ نجي سطح تي مختلف ??قر??بن جو اهتمام ڪيو ويو جن ۾ مباحثا، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ نمائشون شامل آهن، مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي رخن ۽ قومي هيروز جي زندگي ۽ قربانين جي موضوعن تي ??قر??ري مقابلن ۽ ملي نغمن جي مقابلن کانسواءِ پوسٽر سازي جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ بهترين فن پا??ن ۽ ??قر??رون ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. انهن سمورين ??قر??بن جو مقصد نوجوان نسل کي تحريڪ پاڪستان ۽ آزادي جي لاءِ جدوجهد کان روشناس ڪرائڻ آهي ته جيئن نوجوان آزادي جي قدر ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي شعار بڻائي سگهن. سڄي ملڪ ۽ عالمي سطح تي جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهايو ويو جنهن جي لاءِ هر عمر ۽ طبقي سان تعلق رکندڙ پاڪست??ني انتهائي پرعزم ۽ جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف رهيا. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين به جشن آزادي جون ??قر??بون ملهايون ۽ ان حوالي سان پاڪست??ني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ خصوصي ??قر??بن جو اهتمام ڪيو ويو جن ۾ پاڪست??ني ڪميونٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ملڪ سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو. پرچم ڪشائي جي ??قر??بن کانسواءِ آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان تيار ڪيل خصوصي ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا.