ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته سکر حيدر??با?? موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام ک?? وڏو تحفو ڏينداسين، اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدر??با?? موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدر??با?? ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، اين ايچ اي اختياريون، موٽروي پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدر??با?? موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحا?? ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اين ايچ اي اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ ج?? وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايچ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه شديد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدر??با?? موٽروي جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام ک?? وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اين ايچ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحا?? ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعما?? ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪوششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.