نيويارڪ – 20 ̵1; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ موجود هئي.