نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ ۾ لڳايل تصويري نمائش جو به دورو ڪندو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي جي ٽئين ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ سرگرمين سان ڀرپور هڪ ٻيو ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل گيٽس ملاقات ڪندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچڻ تي وزيراعظم، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻوله?? ڪندا. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ پاڪستان مشن پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ لڳايل تصويري نمائش جو دورو ڪندو. ٽنپهرن جو وزيراعظم ??يڊٿ ليڊرز ڪو ايسوسيئيٽيڊ پريس جي اي پي ٽي وي (ايسوسيئيٽيڊ پريس اي پي ٽي وي) جي لاءِ انٽرويو ڏيندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي جاپاني هم منصب فومي?? ڪيشيدا، بيلجيئم جي وزيراعظم ??ليگزينڊر ڊي ڪرو ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم ??سماعيل صابري يعقوب سان جدا جدا ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻوله?? ڪندو.