مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فرانس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي ت??ديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي ت??ديلين سا?? مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي ت??ديلين سا?? مقابلي جي لاءِ پاڪستان جي عالمي امداد جي حوالي سا?? مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.