اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسم??ات?? تبديلين جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترق??ات?? ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت جي لاءِ حوصلا افزائي تي سيڪريٽري جنرل سان مسلسل تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل جاري انساني امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ڪانفرنس جي ڪ??مي??بي ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير ان جي اولين ترجيح آهي. سيڪريٽري جنرل اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ جي – 77 ۽ چين جي خصوصي وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جي پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم کي پڻ ساراهيو.