اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي، ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ ب??اد?? هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هو سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي بنون آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن سي ايم ايڇ راولپنڊي سي ٽي ڊي ڪمپليڪس بنون آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪئي، وزيراعظم آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فوجين جي جرئت ۽ ب??اد??ي کي خراج تحسين ??يش ڪيو. وزيراعظم چيو ته شه??دن ۽ انهن جي گهرڀاتين ??اڪستان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان پرامن ۽ مستحڪم ماحول حاصل ڪرڻ تائين ??ر قسم جي دهشتگردن، انهن جي حامين ۽ همدردن جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته رياست جي عملداري هر قيمت تي قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم ۽ ب??اد?? هٿياربند فوج جي بي مثال قربانين جي ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابين کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.