اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان ج?? پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان ج?? ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين ج?? پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپني ??ي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپني ??ي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سولرائيزيشن ج?? منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيشن ج?? حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن ج?? وزيراعظم آجيان ڪئي. چيني وفد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن ج?? بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپني ??ي ٻوڏ سٽيلن ج?? مدد جي جذبي کي ساراهيو.