اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو ??يو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? چيو ته قرآن جي توهين جو عمل ??اهلاڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ آهي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سبب چڙ ڏياريندڙ ۽ دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جو عمل ??هي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل ??المي سطح تي تسليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ آهي. صد?? چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني مذهبن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪري ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڪڌي فعل سان مسلمانن جي مقدس قدرن جي توهين ڪري ڏک ??هچ??يو آهي. اهو عمل ??نيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ??اه?? ڪري ٿو. صد?? چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو م??اه??و ڪري. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي قدرن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ انتهاپسند ۽ بنياد پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.