اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست ??خالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين جي نه هوندي. ا??ڙي طرح زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي پڻ سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌ??ڪ اهو ته سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. 65 سالن کان وڌ??ڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌ??ڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن، ??نهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ا??ڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. صدر ??زائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.