اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ سياسي ??ار??ي پاران لسٻيلا سانحي ط??ز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ??فت?? عبدالشڪور جي حادثي تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي، افسوسناڪ ڪلچر وڌايو پيو وڃي، ڪنهن به شهادت ۽ واقعي تي ان حد تائين ڪري پوڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هو ايم اين اي آغا رفيع الله جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڇنڇر جي رات اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ??فت?? عبدالشڪور جي گاڏي کي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهي آهيان. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير ??فت?? عبدالشڪور جي شهادت تي وفاقي ڪابينا ۽ ??ار??يامينٽ ميمبرن پنهنجي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، هر اک ڳوڙهن هاڻي آهي، ??ار??يامينٽ مان هڪ قرارداد ب?? پاس ٿي جنهن ۾ عبدالشڪور صاحب کي هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ سازش ٺاهي پئي وڃي، هر طرف کان پيغام اچي رهيو آهي ته اهو سانحو سازش سان ڳنڍيل هو، وزيراعظم جي هدايتن تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان معاملي تي خصوصي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، اڃا تائين ڪي اهڙا ثبوت ناهن مليا ته ان سانحي ۾ ڪا سازش آهي، ڪنهن به انديشي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان بابت رپورٽ ??ار??يامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سان سانحي تي غليظ مهم هلائي پئي وڃي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن لسٻيلا حملي تي پڻ اهڙي مهم هلائي هئي. هن چيو ته ان واقعي جي حوالي سان انشاءَ الله سڀاڻي حقيقتون ??ار??يامينٽ آڏو رکنداسين.