اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سال?? دور ۾ اهڙي پراسرار سينسرشپ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪ??و، ان وقت ج?? وزيراعظم کي عالمي ادارا ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ جو شرمناڪ خطاب ڏنو، عمران خان نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪ??و، گوليون هنيون. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت پريسجي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جي ضمانت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاق?? وزير صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچ جي ڳولا ۾ پنهنجي جانيون وڃايون. هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙي ”پراسرار سينسرشپ“ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو. هن چيو ته 2017ع ۾ ور??ڊ پريس فريڊم انديڪس ۾ پاڪستان 139 هين نمبر تي هو، پي ٽي آءِ جي ميڊيا دشمن پاليسين جي ڪري پاڪستان جي درجابندي ۾ 12 پوائنٽ جي وڌيڪ گهٽتائي ٿي. ان وقت وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي پريسفريڊم پريڊيٽر جو شرمناڪ خطاب ڏنو و??و، عمران خان پنهنجي چار سال?? دور ۾ نه رڳو صحافين جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪ??و، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، پي ٽي آءِ جو چار سال?? دور صحافين جي لاءِ خطرناڪ دور هو. هن چيو ته عمران خان صحاف?? تي پابنديون هنيون، اهڙي طرح پابنديون لڳائڻ سان چار ڏينهن ته پنهنجو موقف ڏئي سگهجي ٿو پر آخرڪار سچائي مڃڻي پوي ٿي، اڳوڻي حڪومت رياست پاران صحافين جي زبان بندي جي لاءِ دٻاءُ وڌايو. هن پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ بدران پنهنجي ناڪامين جي ڪاوڙ صحافين ۽ صحافتي ادارن تي ڪڍي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته اڄ ملڪ ۾ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي. هن چيو ته صحافي معاشري کي طاقتور بڻائين ٿا، چوڻي آهي ته معلومات ۾ طاقت آهي ۽ صحافي توهان کي اها طاقت ڏين ٿا. حڪومت صحافين جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.