اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي لاءِ ٺوس ترقياتي پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب هن اها هدايت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه گل آفريدي جي قيادت ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي سياسي اڳواڻن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد مسلم ليگ (ن) جي انضمام ٿيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪي?? جنهن کانپوءِ فاٽا جو قانونسازي جي ذريعي انضمام ممڪن ٿي سگهيو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??ذريل حڪومت جي چار سالن ۾ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي نظرانداز ڪي?? ويو جنهن جي ڪري جيڪا منصوبابندي مسلم ليگ (ن) جي قيادت انهن ضلعن جي حوالي سان ٺاهي هئي ان تي عملدرآمد نه ڪي?? ويو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ته موجوده حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم پاڻ انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ خوشحالي کي قومي ترجيح جو درجو ڏي ٿو. وفد وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪندي پشاور ۾ پاڻي جي شديد مسئلي بابت آگاهه ڪي??. وفد پاڙيسري مل?? افغانستان سان وا??يل سرحدي علائقن ۾ واپار جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان حوالي سان اهڙن قدمن جي خاطري ڪرائي جنهن سان سرحد جي ٻنهي طرفن جي علائقن جي ماڻهن جي زندگي ۾ گڏيل واپار سان بهتري ايندي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.