اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سال 2022ع دوران پا??ستان جي مختلف علائقن ۾ آيل ٻوڏ سان 14 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جي نقصان جڏهن ته ان جي بح??لي??َ لاءِ 16 ارب 30 ڪرور ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق ان سال کان هائوسنگ کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو 5 ارب 6 ڪروڙ ڊالر، زراعت، خو??اڪ?? لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کي 3 ارب 7 ڪروڙ ڊالر، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات کي 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبي جي تعمير ۽ نئين سر بح??لي??َ لاءِ 5 ا??ب ڊالر جڏهن ته خوراڪ ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ 4 ا??ب ڊالر، هائوسنگ لاءِ 2 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.