اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پر??يهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اي آر ايف جي 27 ميمبر ملڪن جا پر??يهي وزير ۽ آسيان جو سيڪريٽري جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وزارتي اجلاس ۾ پر??يهي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو. جڪارتا ۾ پر??يهي سيڪريٽري انڊونيشيا جي عملدارن ۽ اي آر ايف جي ميمبر ملڪن جي هم منصبن ۽ دورو ڪندڙ وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. هو ??ن موقعي تي ٿنڪ ٽينڪس، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. بيان موجب اي آر ايف 1994ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي باب?? مسئلن تي ايشيا پيسفڪ جي ملڪن جي وچ ۾ مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. 2004ع ۾ اي آر ايف ۾ شموليت کان وٺي پاڪستان فورم جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ هو ??اقاعدگي سان ان جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.