اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ت?? پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ??اه??ئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اه??ئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل جي سيڪري??ري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪري??ري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ??اه??ئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايس آئي ايف سي تحت ??اه??يون سرمايو وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي سه??لت لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان حڪمت عملي تحت سيڙپڪارن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سه??لت ڏني ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ??اه??ئين سيڙپڪاري جي ت??ام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ترقي ت?? پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ??اه??ئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ عالمي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ت?? پاڪستان جي ت??انائي شعبي جي بهتري لاءِ ريگيولي??ري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ??اه??ئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪومت ايس آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻائيندي، نگران حڪومت پنهنجي مختصر حڪومت جي دور ۾ پنهنجون سموريون توانائيون پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ت?? لڳائيندي، خصوصي سيڙپڪاري سه??لت ڪائونسل پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ايس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.