اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ??رڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران وزيرا??ظم بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت ت??از?? کي برقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته بلوچستان معدنيات ج?? حوالي سان وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي ج?? حوالي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزيرا??ظم چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ??ري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري بلوچستان وزيرا??ظم کي صوبي جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.