اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاني خيل خودڪش حملي جي شهيدن ج?? پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظه??ر ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 21 آگسٽ تي بنون ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ج?? وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار صنوبر علي، حوالدار آفتاب احمد ۽ حوالدار محمد عارف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن حوالدار محمد عمران، سپاهي احمد علي، سپاهي محمد حسيب اڪبر جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي سپاهي ذيشان نزاڪت، عبدالرشيد ۽ وارث علي جي پونئيرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شه??دن کي سلام پيش ڪيو ۽ انهن ج?? درجن ج?? بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن ج?? خاندانن سان همدرديءَ جو اظه??ر ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.