اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آه??. هو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي 78هين اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا آ??يس طرفان جاري بيان مطابق نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي ??جلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم آمريڪا ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي اجلاس کان علاوه موسمياتي تبديلي ??ي منعقد ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ان دوري ۾ عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي نمائنسن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس جو به دورو ڪندو.