اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀا??تي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏينهن کي ڪاري ??هاڙي طور ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀا??تي فوج اسان جي سرزمين تي پهريون ڀيرو اسان جي سرزمين تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ??ينهن جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ??هاڙي جي موقعي تي خاص مددگار مشعال ملڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان ڪشميري 76 سالن کان اڄ ج?? ڏينهن ڪاري ??ينهن طور ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن ڀا??تي قابض فوج اسان جي سرزمين تي پهريون ڀيرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀا??تي فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال قربانيون ڏنيون آهن. مشعال ملڪ چيو ته اسان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تا??ين جاري رهندي. مشعال ملڪ چيو ته ڀا??تي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. گڏيل قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏوهن جي جاچ ڪرائي.