لاهور-09 نومبر (اي پي پي) شا??ر مشرق علامه محمد اقبال جي يومِ پيدائش جي مناسبت سان مزار اقبال تي ڪالهه گارڊ?? جي تبديليءَ جي پُروقار تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان نيوي جي چست جٿي مزار اقبال تي گارڊ?? جي فرض سنڀالي ورتا. پاڪستان نيوي جي اسٽيشن ڪمانڊر لاهور ڪموڊور ساجد حسين تقريب جو خاص مهمان هو. پاڪستان نيوي جي اسٽيشن ڪمانڊر لاهور گارڊز ۾ شامل پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ بحريه جي جٿن جو معائنو ڪيو ۽ سلامي ورتي. گارڊ?? جي تقريب کانپوءِ قومي شا??ر جي مزار تي اميرالبحر ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ بحريه جي آفيسرن، سيلرز ۽ نيوي سويلينز گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.