اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات?? نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ??وڌ??ي پرويز الاهي پاران انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ يورپ??ن يونين جي نمائندن جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات?? نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ان دعويٰ ۾ ذري برابر به سچائي نه آهي پر اهو هڪ سينيئر سياستدان جو ذه??ي فتُور آهي. هن ميڊيا تي زور ڏن?? ته هُو اهڙي طرح جي رپورٽس جاري ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل عملدارن کان تصديق ڪري وٺي.