اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد عام چونڊن جي لاءِ ضابطه اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سميت سمورين ڌرين جي بنيادي ذميواري آهي ته اهي پاڻ سان لاڳاپيل رهنما اصولن تي ڌيان ڏين ته جيئن چونڊ عمل ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرميون خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي اهتمام هيٺ ”چونڊون 2024ع: ميديا سميت سمورين ڌرين جو اخلاقي طرز عمل“ جي موضوع تي منعقد س??مي??ار جي سلسلي جي ٽئين س??مي??ار ۽ مباحثي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. س??مي??ار کي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان پڻ خطاب ڪيو. پينل ڊسڪشن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان سيد نديم حيدر، تعليمي ماهرن ۽ سينيئر صحافين حصو ورتو ۽ ضابطه اخلاق، ميڊيا ۽ اڪيڊميا جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ مثبت تجويزون ڏنيون. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ اهم موضوع تي س??مي??ار منعقد ڪرڻ جي تسلسل ۾ ٽئين س??مي??ار جي ڪامي??ب انعقاد تي پي آءِ او ۽ پي آءِ ڊي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته س??مي??ار منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي جنهن جي ذريعي ضابطه اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي، ڌرين جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي ان سلسلي ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ پڻ س??مي??ارز منعقد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي آهي، اميد آهي ته سموريون ڌريون ان مان فائدو کڻنديون. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري چيو ته عام طور تي ضابطه اخلاق کي پابندي جي ڏس ۾ ورتو ويندو آهي، منهنجي خيال ۾ ضابطه اخلاق کي وسيع تناظر ۾ وٺڻ گهرجي. ان ۾ رهندي جتي رهنما اصول جوڙيا وڃن ٿا اتي ڌرين جي تحفظ جو پڻ خيال رکيو وڃي ??و. ??ميد آهي ته س??مي??ار ۾ شريڪ ڌريون موضوع کي انهي زاويي س??ن بحث هيٺ آڻينديون. هن چيو ته هي ان سلسلي جو ٽيون س??مي??ار آهي ۽ ٽنهي س??مي??ارز ۾ تمام تفصيلي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مثبت تجويزون سامهون آيون آهن جن کي لاڳاپيل پليٽ فارمز تائين پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته س??مي??ار جي ذريعي هڪ تعميري بحث جي شروعات ٿي آهي جيڪو ارتقا جي لاءِ ضروري آهي.