اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ فيڊرل ??نويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ عملدارن کيس اد??ره جاتي معاملن تي بريفنگ ڏني. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق نادرا هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزير جي ??جي??ن ڪئي. نادرا عملدارن طرفان گهرو وزير کي اد??ري بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته نادرا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل اد??رو آهي ۽ اسان جو اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايف آءِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ايف اءِ گهرو وزير جي ??جي??ن ڪئي. ايف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي بريفنگ ڏني.