اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي، پاڪس??ان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند اهي جنهن ۾ پاڪس??ان ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وز??راعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وز??راعظم صدر شي جن پنگ ۽ وز??راعظم لي ڪيانگ جا سندس ٻيهر چونڊجڻ ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيني قيادت جي گرمجوشي جي جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي تعاون ۽ عزم کي ساراهيو. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس حڪومت چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي. هن زور ڏنو ته پاڪس??ان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي جنهن ۾ پاڪس??ان ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وز??راعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سندس گذريل حڪومت جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي ته جيئن ترجيحي شعبن بشمول زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي. هن چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪس??ان ۾ تمام گهڻو منافعو ڏيندڙ موقعا ڳولي سگهن ٿيون. چيني سفير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته چيني قيادت ۽ حڪومت پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گه??و ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ان سلسلي ۾ هن وز??راعظم محمد شهباز شريف کي جلد کان جلد چين جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. دعوت قبول ڪندي وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو اهو دورو گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ڪندو جنهن تي سفارتي ذريعن سان ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وز??ر ڊاڪٽر احسن اقبال، وز??راعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري موجود هئا.