اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نق??ان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ??يز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ??يز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين امداد جي فراهمي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستا کولڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم برسات?? جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ?? جي درج?? جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انه?? جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن برسات?? جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.