ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام جي لاءِ ??فا?? ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي تعلق ۽ هم آهنگي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته عوام جي مسئلن جي حل، ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن به صوبي ۽ عوام جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آهي، سعودي ۽ ايراني قيادت جي دورن سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، منصوبابندي ۽ ترقي وارو ??فا??ي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو ??فا??ي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو ??فا??ي اويس احمد خان لغاري، تعليم وارو ??فا??ي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پيٽروليم وارو ??فا??ي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو ??فا??ي وزير ڄام ڪمال خان، سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن جي نتيجي ۾ اسان کي مينڊيٽ مليو آهي، اسان کي ان مينڊيٽ جو احترام ڪندي گڏجي ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اسان عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آهي، ان جي لاءِ ??فا?? ۽ صوبن کي ويجهو تعلق ٺاهڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير سان ويجهو رابطو آهي، ??فا??ي ۽ صوبائي وزير به هڪ ٻئي سان تعلق قائم ڪن، سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن جي ترقي به پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته ان تعلق کي مضبوط ٺاهيان، ڪجهه وقتن تي اسان کي اهڙا فيصلا به ڪرڻا پوندا جيڪي شايد اسان پنهنجي لاءِ پسند نه ڪندا هجون پر ملڪ ??ي عوام ۽ صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرڻا پوندا ته جيئن جمهوريت ۽ ترقي جي گاڏي اڳتي وڌي. وزيراعظم چيو ته سعودي ۽ ايراني وفدن پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، ايران جو صدر ڪراچي به آيو، اهڙي طرح اڳتي به اميد آهي ته سيڙپڪاري جي لاءِ وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ چئني صوبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻندا پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجو هوم ورڪ ڪريون، پاڻ ۾ هم آهنگي هجي ۽ پوري تياري ۽ هڪ جهڙي سوچ سان اڳتي وڌنداسين ته مثبت نتيجا سامهون ايندا. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ ??ي عوام جي لاءِ ٽيم بڻجي ڪم ڪنداسين، ان کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم شروع ڪيو هو، انهي جذبي سان اڳتي وڌنداسين، سنڌ جي صوبائي حڪومت ??فا?? سان گڏ??ي عوام جي اميدن تي پورو لهندي.