اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي ??هي ته صوبائي ??ڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي ??و گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، مهانگائي ??ي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي وئي ??هي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ??ن کي جاري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي ??ولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي وڌيڪ ريليف ملندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ان به عوام کي ريليف ملندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. وزيراعظ?? هدايت ڪئي ??ه صوبائي ??ڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان انهي رخ ۾ هلڻ سان عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي.