اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) او آءِ سي جي 25 هين عالمي آبي وسيلن، توانائي، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي بابت ڪانفرنس اڪيڊمي آف سائنسز اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي. عالمي اسلامڪ اڪيڊمي آف سائنسز جي صدر سميت 12 ملڪن جا سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. اسلام آباد سائنس اڪيڊمي ۾ عالمي ڪانفرنس ورلڊ اسلامڪ اڪيڊمي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي و??ي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني?? سينيٽر شيري رحمان، ايس اي سي چيئرمين ۽ سينئر سائنسدان ڊاڪٽر عطا ال??حمان به ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن. بن??لا??يش، ملائيشيا، اردن، لبنان سميت ٻين ملڪن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.اسلامڪ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس جي صدر پروفريسر عدنان باردن به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سينيٽر شيري رحمان صدر مملڪت جي نمائندگي ڪ??دي افتتاحي خطاب ڪيو. هن صدر مملڪت آصف علي زرداري جو پيغام پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته برساتن کان علاوه اسان ٻين ماحولياتي تبديلين جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. علائقائي ادارن جي صلاحيت کي و??ائڻو پوندو ته جيئن هو آفت کي روڪي سگهن. پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز کي نظر ۾ رک??دي اسان کي رزيليئنس جي نئين سري سان وضاحت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف انفراسٽرڪچر ئي رزيلئنس ناهي اسان کي رزيلينس ۾ مقامي ماڻهن ۽ آبادين کي شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطن ۽ گڏيل حڪمت عملي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. زمين اندر پاڻي جي سطح کي و??ائي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسان موسمياتي تبديلي جي نقصانن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.