تهران – 30 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي ??لف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ تهران جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي ??وام ۽ حڪومت پاران صدر پيز شڪيان کي عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب هن نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪام??اب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا سان حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??زم جو اظهار ڪيو.